Zulfikar Ali Bhutto Jo Qatal Kean Theo

Rs. 520
  • Author: Farrukh Sohail Goindi
  • Translated By: Dost Hafeez Channa
  • ISBN: 978-969-652-179-2
  • Publisher: Jumhoori Publications
  • Publication Date: 2020
  • Format: Hardback – 152 pages
  • Language: Sindhi


Share
Description


ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل پاڪستان ۽ دنيا ڀر ۾ عدالتي قتل جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کان وٺي زندان ۾ پهچائڻ ۽ پوءِ سولي تي چاڙهڻ تائين ان کي سياسي ۽ جسماني طور تي قتل ڪرڻ لاءِ رياست، سياست، سماج ۽ عالمي طاقتن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان حوالي سان هي هڪ مختصر مگر اهم ڪتاب آهي. مون هن مختصر ڪتاب ۾ چند چشم ديد حقيقتون سهيڙيون آهن، جيڪي ان سازش ۽ ڪاروائي کي ڄاڻڻ لاءِ اهم آهن، ته ڪيئن جنرل ضياالحق ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کان وٺي ان کي تخته دار تائين پهچائڻ جا “ انتظام ” ڪيا. انهن چند صفحن ۾ اهڙا واقعا، حقائق ۽ احڪامات شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڪستان جي هڪ عظيم رهنماءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا. ذوالفقار علي ڀٽوجي قتل جي ذميداري، مذهبي جنونيت، آمرانه حڪمراني، انصاف جي لتاڙ ۽ عالمي طاقتن جي ملي ڀڳت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي تاريخ کي درست انداز ۾ تلاش ڪري نه سگهياسي ته اسان جو حال ۽ مستقبل به اونداهو بڻجي ويندو. ان حوالي کان زير نظر ڪتاب پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اونداهي باب تي اهڙي روشني وجهي ٿو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ڄاڻڻ وارن کي ذوالفقارعلي ڀٽو جي قتل جي انتظامن ۽ حڪمن جي تمام ويجهو ڪري ڇڏيندي.

Reviews

There are no reviews yet.

Only logged in customers who have purchased this product may leave a review.